تازه ترين

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا کان اعليٰ معيار جو 50 ملين بيرل تيل آمريڪا آندو ويندو

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا کان اعليٰ معيار جو 50 ملين بيرل تيل آمريڪا آندو ويندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ سوشل ٽرٿ تي جاري بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته تيل امريڪا ۾ مارڪيٽ قيمت تي وڪرو ويندو ۽ ان جي آمدني کي هو پاڻ ڪنٽرول ڪندا، پئسو آمريڪي ۽ وينزويلا جي عوام جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. صدر ٽرمپ موجب، انرجي سيڪريٽري ڪرس رائٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري ۽ تيل کي امريڪي بندرگاهن تائين پهچائي. امريڪي صدر جي پيغام کان اڳ پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته وينزويلا کان تيل امريڪا آڻڻ لاءِ امريڪا ۽ وينزويلا جي عملدارن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، وينزويلا مان خام تيل امريڪا ۾ ريفائنريز کي برآمد ڪيو ويندو. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته امريڪي تيل ڪمپنين جا سربراهه وينزويلا ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهين لاءِ جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس جو دورو ڪندا. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس ۽ وينزويلا عملدارن نئين اڳڀرائي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
37 %
2.2kmh
41 %
اڱارو
23 °
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون