تازه ترين

وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪريم آباد انڊر پاس، ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪورنگي ڪاز وي پل بابت اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪريم آباد انڊر پاس، ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪورنگي ڪاز وي پل جي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻين لاڳاپيل ڪامورن ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس وي، ڪورنگي ڪاز وي ۽ ڪريم آباد انڊر پاس اهم منصوبا آهن، جن جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪريم آباد انڊر پاس 3.8 بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڊيگهه هڪ هزار 80 ميٽر آهي جنهن مان 300 ميٽر مڪمل ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير کي پل جي فزيڪل پروگريس بابت بريفنگ ڏني وئي ته 30 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، مينا بازار ۽ فيصل بازار وٽ ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. وڏي وزير کي ڪورنگي ڪاز وي پل بابت بريفنگ ڏني وئي ته پل جي ڊيگهه 13 سئو 85 ميٽر ۽ ويڪر 26 ميٽر آهي، پل جو 30 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ملير ايڪسپريس وي بابت بريفنگ ڏني وئي ته ايڪسپريس وي ڄام صادق پل کان شاهه فيصل تائين مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڄام صادق پل کان ڪوٽڙي تائين منصوبي جي ڊيگهه 38 ڪلوميٽر آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته فيز ون جو ڪم 25 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ شاهه فيصل کان ايئرپورٽ تائين روڊ جي مرمت پڻ ڪرائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون