انساني سمگلنگ ۾ ملوث انسانيت جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته انساني سمگلنگ ۾ ملوث انسانيت جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ غير قانوني طور وطن ڇڏيندڙن جي ٻيڙيءَ ۾ پاڪستاني شهرين جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي تي اجلاس ٿيو. اجلاس دوران پاڪستان ۾ انساني سمگلنگ ۾ ملوث گروهن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته انساني سمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي ماڻهن جي گرفتاريءَ ۾ تيزي آندي وڃي. هن چيو ته غيرقانوني طور پرڏيهه ڇڏيندڙن جي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ سبب پاڪستاني شهرين جي فوت ٿيڻ تي سموري قوم کي ڏک آهي. وزيراعظم چيو ته  انساني سمگلنگ ۾ ملوث انسانيت جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ،  احد خان چيمه، عطا للاه تارڙ، طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون