تازه ترين

انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور سڀاڻي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور سڀاڻي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو، صدر عارف علوي انوار الحق کي عهدي جو قسم کڻائيندو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي به الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته نگران وزيراعظم سينيٽ جي سيٽ ۽  بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم طور سڀاڻي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو.

صدر عارف علوي، انوار الحق کي عهدي جو قسم کڻائيندو.

وزيراعظم شهباز شريف لاءِ اڄ الوداعي گارڊ آف آنر جي تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم کي هاڻي سڀاڻي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف طرفان اڄ رات قوم کي الوداعي خطاب جو به امڪان آهي، وزيراعظم اتحادي حڪومت جي 16 مهينن جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندو.

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ ملڪي معيشيت ۽ سياسي حالتن سان لاڳاپيل معاملن بابت ڳالهيون ڪندو، جڏهن ته هو پرڏيهي معاملن، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن بابت قدمن تي روشني وجهندو.

الوداعي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي سهڪار جا ٿورا به مڃيندو. ٻئي طرف  نامزد نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ سيٽ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
15 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
26 %
3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون