- Advertisement -
اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي رونتي ۾ پوليس پاران ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ مک ڌاڙيل راحب رند کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
رونتي پوليس پاران ڪچي واري علائقي رونتي ٻيلو ۾ ڌاڙيلن سان مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ بدنام ڌاڙيل راحب رند طور ٿي آهي.
پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل جي قبضي مان مهينو اڳ شهيد ڪيل ٽن پوليس اهلڪارن کان ڦر ڪيل جي ٿري رائفل پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رونتي ٻڌايو ته رونتي ٻيلو ۾ ڏوهه جي ارادي سان آيل ڌاڙيلن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو.
هن چيو ته پوليس مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل راحب رند مارجي ويو آهي جيڪا رونتي پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي.
پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل راحب رند هڪ مهينو اڳ شهيد ٿي ويل ٽن پوليس اهلڪارن عبدالسميع سمون، عبدالحنان ملڪ ۽ شفيق گل جي شهادت ۾ مک جوابدار هو.
پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل راحب رند جو لاش پوليس هي قبضي ۾ آهي جنهن کي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
