تازه ترين

اوٻاوڙي ويجهو سيلرا، ڌونڌا ۽ شر برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ هڪ زخمي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي

- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو سيلرا، ڌونڌا ۽ شر برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان وڌيڪ هڪ زخمي جي فوت ٿيڻ کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڇهن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. 20کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو ۽ مير محمد ڌونڌو تي چڙهائي ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد ابراهيم سيلرو، عبدالحميد سيلرو، صوبو سيلرو، اياز ڌونڌو ۽ علي گوهر ڌونڌو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ڄام سيلرو، دلبر، عظيم، قائم، نديم ۽ حنيف سيلرو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد رونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. زخمين مان حنيف سيلرو زخمن جا سور نه سهندي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن کانپوءِ قتل ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. ڇهن ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڇهن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جي تفصيلن ۽ پوليس ايڪشن بابت آگاهه ڪري، اهڙي واقعي جي ذميواري خلاف سخت قدم کنيا وڃن. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي خاص ٽيم کي ٽاسڪ ڏنو وڃي. هن چيو ته امن امان جي حالتن کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
11 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون