- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو پوليس آپريشن دوران ڌاڙيل ثنو شر جي ڀاءُ سميت ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ ۽ هڪ کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ماڇڪو ۽ رونتي پوليس طرفان ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن ڪيو پيو وڃي.
آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌاڙيل ثنو شر جو ڀاءُ عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا جڏهن ته ڪـُري شر زخمي ٿي پيو.
ايس ايس پي گهوٽڪي سمير چنا دعويٰ ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوهاري عالم شر ۽ حاڪم شر مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪـُري شر زخمي ٿي پيو آهي.
ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
