- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته رونتي پوليس کي اطلاع مليو ته رونتي لنڪ روڊ تي 6 هٿياربند ڏوھه جي ارادي سان بيٺل آهن.
هن چيو ته رونتي پوليس پهتي ته ڏوهارين سان مقابلي جي نتيجي ۾ ڳوٺ اٽل مرداني واسي الطاف کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪري ورتو.
ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته زخمي ڏوهاري جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن، الطاف کوسو جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس مقابلي جو ڪيس به رونتي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو.- Advertisement -
