- Advertisement -
ايراني فورسز پاڻي گذرگاهه هرمز ۾ اسرائيلي ڪمپني جي پرتگالي جهاز تي قبضو ڪري ورتو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، پرتگالي جهاز “ ايم ايس سي ايريز” اسرائيلي ارب پتي ايال اوفر جي ڪمپني جو آهي.
قبضي ۾ ورتل جهاز تي فلپائن جو 20 رڪني عملو به موجود آهي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جهاز تي سترهن ڀارتي، 2 پاڪستاني، چار فلپائني، هڪ روسي ۽ استونيا جو هڪ شهري سوار آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني بحريه جي خصوصي جٿن هيليڪاپٽر جو استعمال ڪري جهاز کي قبضي ۾ ورتو.- Advertisement -
