تازه ترين

ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جو سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو

- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ايران جي اسرائيل تي حملي بعد خطي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ايران جي اسرائيل تي حملي بعد خطي جي صورتحال ۾ اڳڀرائي، اثرن ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ايراني پرڏيهي وزير ۽ سعودي پرڏيهي وزير وچ ۾ غزا جي پٽيءَ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. ان کان اڳ سعودي عرب، ايران طرفان اسرائيل تي ڪيل ڊرون حملن بعد خطي وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سمورين ڌرين کي انتهائي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. سعودي عرب جو چوڻ هو ته سموريون ڌريون خطي ۽ ان جي ماڻهن کي جنگن جي خطرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون