- Advertisement -
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي صلاحڪار علي لاريجاني چيو آهي ته ايران اسرائيل جي حملن جو جواب ڏيڻ جي تياري ۾ رڌل آهي.
مقامي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي علي لاريجاني جو چوڻ هو ته ايراني فوجي عملدار مختلف منصوبن ۽ حڪمت عملين تي ڪم ڪري رهيا آهن.
پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته شام ۽لبنان ۾ حزب الله جي ڪمانڊرن جا حوصلا بلند آهن، حزب الله جي سخت مزاحمت سبب ئي اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
هن حزب الله جي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي اسرائيلي دعوائن کي به رد ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
