- Advertisement -
ايران پاڪستان ذريعي آمريڪا سان پيغامن جي ڏي وٺ جي تصديق ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ايران ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته جنگ بندي جي آمريڪي تجويز سان گڏ انهن پيغامن جي متن جو به جائزو ورتو پيو وڃي.
اسماعيل بقائي موجب، اڃا ايران آمريڪي تجويزن جو باضابطه جواب نه ڏنو هو، هي جواب جلد پاڪستان ذريعي آمريڪا کي موڪليو ويندو……..- Advertisement -
