- Advertisement -
امن لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، جمعي تي باضابطا طور صحيحون ڪيون وينديون.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ خطرناڪ جنگ کانپوءِ ڊگهين ڳالهين جي نتيجي ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڊگھي ۽ اهم ڳالهين کانپوءِ امن معاهدو طئه ٿي ويو آهي..
هن چيو ته ٻنهي ڌرين لبنان سميت سمورن محاذن تي فوري ۽ مستقل طور تي فوجي ڪاررواين جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته معاهدي تي باضابطه صحيحن جي تقريب 19 جون تي جنيوا سوئٽرزلينڊ ۾ ٿيندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ هلندڙ هفتي ملاقاتون ڪندا، ملاقاتن ۾ معاهدي تي عمل کان اڳ ٽيڪنيڪل معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.
وزيراعظم تڪرار جي سفارتي حل تي آمريڪا ۽ ايران جا به ٿورا مڃيا آهن.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت جو امڪان آهي.
ذريعن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي جي صحيحن جي تقريب جنيوا ۾ ٿيندي.
معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سميت شرڪت ڪندو.- Advertisement -
