- Advertisement -
ايران ۾سخت گرمي جي لهر سبب اڄ سرڪاري آفيسن ۽ بئنڪن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، صرف ايمرجنسي ڊيوٽي ڏيندڙ ادارا کليل هوندا.
ايراني ميڊيا موجب ايران ۾ گرمي جو درجو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته سيستان بلوچستان جي شهر دلگان ۾ پارو 50 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ايراني موسمياتي اداري موجب گرمي جي لهر وڌيڪ چئن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ايراني ميڊيا موجب سخت گرمي سبب آفيسن ۽ بئنڪن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خانگي ادارن ۾ڊيوٽي جو وقت اڌواڌگهٽايو ويو آهي….- Advertisement -
