- Advertisement -
ايف آءِ اي ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي دستاويزن تي پرڏيهه سفر ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جعلي دستاويزن تي پرڏيهه سفر ڪندڙ جوابدار محمد دانيال کي گرفتار ڪيو.
جوابدار فلائٽ نمبر ڪيو آر 605 ذريعي اٽلي وڃي رهيو هو، جوابدار طرفان پيش ڪيل اٽليءَ جو ريزيڊنٽ ڪارڊ جعلي نڪتو.
شروعاتي جاچ موجب ايجنٽ کان ڳري رقم عيوض اهو ڪارڊ حاصل ڪيو هو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي….- Advertisement -
