ايف بي آر ۾ سڌارا  ترجيحن ۾  شامل آهن، بجلي جي چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي قوم جي حيثيت ۾ مٿن فرض آهي: اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌارا  ترجيحن ۾  شامل آهن، بجلي جي چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي قوم جي حيثيت ۾ مٿن فرض آهي. اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آءِ ايم ايف ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ ۽ بجلي جي چوري روڪڻ جي گهر ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جو پڪو پهه ڪيو آهي، 27 سئو ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عدالت ۾ٻڌڻيءَ هيٺ آهن، التوا هيٺ ڪيس جو فيصلا جلد اچڻ گهرجن. اعظم نذير تارڙ چيو ته پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. قانون واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي قوم جي حيثيت ۾ مٿن فرض آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته ايف بي آر ۾ ڪجهه مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، آفيسرن جي صلاحيتن کي ڏسي مقرريون ڪيون وينديون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.6 ° C
16.6 °
16.6 °
40%
0.9m/s
61%
خميس
16 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون