تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايم ڪيو ايم نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پنهنجا مطالبا وزيراعظم شهبازشريف آڏو رکي ڇڏيا آهن

- Advertisement -
ايم ڪيو ايم نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پنهنجا مطالبا وزيراعظم شهبازشريف آڏو رکي ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم طرفان وزيراعظم کان بجيٽ ۾ ڪراچيءَ لاءِ پنجن ورهين واري سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي سوشيوا اڪنامڪ ڊولپمينٽ پلان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو ته وٽن صوبائي حڪومت ناهي، ان ڪري وفاق سندن ايم اين ايز کي فنڊ جاري ڪري، ايم ڪيو ايم ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص لاءِ وفاق کان 38 ارب رپيا فنڊ گهريا آهن. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ لاءِ پاڻيءَ جي منصوبي ڪي فور ۽ سيوريج جي منصوبي ايس ٿري کي هن ئي سال مڪمل ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ پروگرام ذريعي نوجوانن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت کان بجيٽ ۾ گرين لائن پراجيڪٽ ۾ واڌ، بليو لائن ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي پراجيڪٽ لاءِ به فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ پورٽ کان پپريءَ تائين فريٽ ڪوريڊور سميت بن قاسم تي ٽيڪسٽائل سٽي پراجيڪٽ لاءِ به فنڊ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون