تازه ترين

ايم ڪيو ايم کي پي ايس پي مافيا هائيجيڪ ڪري ورتو آهي: اڳوڻي صوبائي وزير سعيد

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي پي ايس پي مافيا هائيجيڪ ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ۽ ڌانڌلي ذريعي ڪراچي ۾ اليڪشن کٽڻ جا خواب پئي ڏسيِ، هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪا به ڊرامي بازي نه هلندي. جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته روشنين جي شهر ڪراچيءَ کي دهشتگردي ڏانهن ڌڪڻ واري ايم ڪيو ايم آهي، ٻوري بند لاش ۽ ڀتي خوريءَ کي ايم ڪيو ايم پنهنجي سڃاڻپ تسليم ڪيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، متحده کي پي ايس پي هائيجيڪ ڪري ورتو آهي. سعيد غني چيو ته ڪراچي جي ننڍي چونڊ جي نتيجن ايم ڪيو ايم کي مڪاني چونڊن ۾ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ۽ ڌانڌلي ذريعي ڪراچي ۾ اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهي آهي. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڇڏيندڙ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏئي واپس آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪا به ڊرامي بازي نه هلندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
28 %
2.2kmh
54 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون