- Advertisement -
پ پ طرفان 56 هين سالگره جو جلسو ڪوئٽا ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ثابت ٿيندو ته بلوچستان پ پ جي چاهيندڙن جي ڌرتي آهي.
ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ھيٺ پ پ بلوچستان جو اھم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر موجود ھئي، جڏھن تھ مير چنگيز جمالي، روزي خان ڪاڪڙ، سربلند خان جوگيزئي، نواب ثناءُ اللھ خان زھري، عبدالقادر بلوچ، علي مدد جتڪ، سردار عمر گوگيج، اعجاز بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ بلوچستان جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏھن تھ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اڳواڻن پاران چونڊ مھم جي حوالي سان تجويزون ڏنيون ويون.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي عام چونڊن لاءِ تياريون ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 30 نومبر تي پ پ جي سالگره جو جلسو ڪوئٽا ۾ ڪيو ويندو.
اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي ۽ هو ماضي کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندا.
هن چيو ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪنهن عملي قدم کنيا آهن ته اها پيپلز پارٽي ئي آهي.
سندس چوڻ هو ته آغاز حقوق بلوچستان کان اقتصادي راهدي جي اصل منصوبي تائين پ پ هميشه بلوچستان جي خطي کي اهميت ڏني آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عام چونڊن جا نتيجا ثابت ڪندا ته حب کان ڪوئٽا تائين سمورو بلوچستان ڀٽو ازم جي چايندڙن جي ڌرتي آهي.- Advertisement -
