تازه ترين

اي اين ايف جو تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪندڙ عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون

- Advertisement -
اي اين ايف تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 6 شڪي ماڻهن کي گرفتاري ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. اي اين ايف طرفان تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. اي اين ايف موجب 24 ڪلاڪن ۾ 5 ڪاررواين ۾ تعليمي ادارن ويجهو 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران 12 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 15 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب فريش ٽائون اسلام آباد ويجهو جوابدارن وٽان 150 گرام چرس ۽ 10 ايڪسٽيسي گوريون هٿ ڪيون ويون. ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ ڊفينس روڊ تي يونيورسٽي ويجهو جوابدارن وٽان 200 گرام چرس ۽ 100 گرام آئس هٿ ڪيو ويو. ترجمان موجب لاهور جي ڪنال روڊ تي واقع ڪاليج ويجهو جوابدار وٽان تقريبن اڍائي ڪلو چرس، 100 گرام آئس ۽ 50 ايڪسٽيسي گوريون هٿ ڪيون ويون. اي اين ايف ترجمان موجب حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ ٻن جوابدارن وٽان شراب جون 96 بوتلون ۽ 2 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان موجب حيدرآباد جي ٽنڊوڄام ۾ يونيورسٽي ڀرسان ڇاپي دورانجوابدارن وٽان 10 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. اي اين ايف ترجمان موجب نوجوان نسل جو مستقبل تباهه ڪندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن جي چوڌاري شڪي ماڻهن تي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. ترجمان موجب سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن جو صفايو ڪرڻ اي اين ايف جي پهرين ترجيح آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون