- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دشمن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارڙن ۽ استادن کي ناحق شهيد ڪيو، هي ڏينهن اسان جي ان عزم جي علامت بڻجي ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين.
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارڙن ۽ استادن پنهنجي قيمتي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو.
محسن نقوي چيو ته 16 ڊسمبر تي وحشي دهشتگردن ننڍڙن گلن کي بي رحميءَ سان چيڀاٽي ڇڏيو، اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن، جڏهن ته پاڪ سرزمين بزدل دشمن لاءِ تنگ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته اي پي ايس جي شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو، شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي هر فرد جي دل ۾ هميشه زنده رهنديون.
وفاقي گهرو وزير چيو ته شهيد ٻارڙا ۽ استاد سڄي قوم جا هيرو آهن ۽ سندن خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، قوم اڄ شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.- Advertisement -
