- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن ملڪي خودمختياري جي دفاع طرفان اٽل قومي ارادي جي ياد ڏياري ٿو.
بچاءَ جي ڏهاڙي تي آصف علي زرداري غازين ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي نقصان پهچائڻ وارو دشمن جو خواب چڪنا چور ڪندڙ بهادر سپوتن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته 6 سيپٽمبر ملڪي خودمختياري جي دفاع طرفان قومي عزم جي ياد ڏياري ٿو، پاڪ فوج دفاعي سامان سان ليس ۽ پيشيوراڻي مهارت رکندڙ آهي.
صدر جو چوڻ هو ته اڄ پاڪستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سڪيورٽي چئلينجز آڏو آهن، پاڪ فوج ملڪ کي سمورن چئيلنجز کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهن، سڪيورٽي ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهن.
هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام، سمورن پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقا جو خواهشمند آهي، ڪشميري عوام جي حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن آهي.
صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي مسئلي کي وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ڪري……..- Advertisement -
