- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي اهميت جوڳو ڏينهن آهي، هر سال اهو ڏهاڙو پاڪستاني قوم بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي ۽ احترام سان ملهائيندي آهي.
بچاءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو سڀ وطن جي پٽن ۽ پاڪستان فوج کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، سندن فوج جو حوصلو ئي پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ٽڪراءَ بدران سهڪار ۽ ڀائيواري تي يقين رکي ٿي، دهشتگردي کي گڏيل سهڪار ۽ حڪمت عملي سان ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن جي قيام ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، ڪشمير مسئلو ڪشميري عوام جي اميدن پٽاندڙ حل ٿيڻ گهرجي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي، هو هر پليٽ فارم تي پنهنجو آواز فلسطين لاءِ بلند ڪندا رهندا، هو عالمي برادري کان مطالبو ڪن ٿا ته فلسطينين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي……- Advertisement -
