- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ پ پ سڄي ملڪ ۾ سوڀاري ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو.
سيوهڻ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿو.
هن چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، دعا آهي ته اڄ جو ڏينهن خيريت سان گذري وڃي.
اڳوڻي وڏي وزير چيو ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ سان اليڪٽرانڪ مينيجمينٽ سسٽ تي فرق پئجي سگهي ٿو.
هن چيو ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ بدران نگران حڪومت سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ها.- Advertisement -
