تازه ترين

اڳوڻو سينيٽر ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
اڳوڻو سينيٽر ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو. اڳوڻو سينيٽر الياس احمد بلور اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. مرحوم الياس احمد بلور جي جنازي نماز سڀاڻي منجهند 2 وڳي وزير باغ پشاور ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحوم الياس بلور، اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور ۽ شهيد بشير احمد بلور جو ڀاءُ هو. اڳوڻي سينيٽر الياس احمد بلور عملي سياست جي شروعات نيشنل پارٽي جي ميمبرشپ کان ڪئي هئي. الياس احمد بلور قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ سينيٽر به رهي چڪو آهي، جڏهن ته سرحد چيمبر آف ڪامرس جو صدر ۽ مختلف چيمبرز جي اعليٰ چونڊيل عهدن تي به رهيو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اڳوڻي سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
36.3 ° C
36.3 °
36.3 °
5 %
6.8kmh
16 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون