- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر تحريڪ انصاف جي پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ حماد اظهر چيو ته سوچي سمجهي پي ٽي آءِ پنجاب جي صدارت ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو سمجهي ٿو ته هن وقت پنجاب ۾ پارٽي جي اثرائتي قيادت لاءِ گرائونڊ تي موجود هجڻ ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين تائين سڌي ريت پهچ ضروري آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته هو پارٽي ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهندو.- Advertisement -
