- Advertisement -
احتساب عدالت، ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي وڌيڪ ڇهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فواد چپڌري خلاف جهلم ۾ تعميري منصوبن ۾ گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
نيب ڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اڳوڻي وفاقي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پهريان چوڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو هو ته ڏهن ڏينهن جو مليو، بينڪنگ رڪارڊ گهرايو آهي، جنهن ۾ گهوٻين جو شڪ ٿيو آهي، ٺيڪيدار کي به 2 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سورهن مان 8 ڪنال جي زمين فواد چوڌري نالي تي آهي.
عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو.
احتساب عدالت فيصلو ٻڌائيندي فواد چوڌري جو ڇهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو- Advertisement -
