- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻن آپگهاتي بمبارن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن آپگهاتي بمبارن ۽ هڪ هاءِ ويليو ٽارگٽ خوارجي رنگ ليڊر سيد محمد عرف قريشي استاد سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگردن سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
