باشعور عوام مضبوط پاڪستان جي خواب جي ساڀيان لاءِ جيالن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو: نيئر بخاري

- Advertisement -
پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته باشعور عوام مضبوط پاڪستان جي خواب جي ساڀيان لاءِ جيالن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته رياست تي حملو ۽ ادارن ۾ بغاوت ۽ ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪندڙن کي قوم رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته عوام جمهوري راڄ ذريعي برابري آئيني معاشي انساني حقن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، پ پ عوامي حڪومت بڻائڻ واري پارٽي آهي. نيئر بخاري چيو ته پ پ  سياسي مخالفت کي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ تي يقين نه ٿي رکي، بلاول ڀٽو زرداري اڃا عوامي رابطا مهم تي نڪتو ئي ناهي پر مخالف پريشان ٿي ويا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته ڪا هڪ پارٽي اڪيلي سر پ پ جو مقابلو ڪرڻ جي همٿ نه ٿي رکي، آئين، جمهوريت ۽ پارلياماني جمهوري نظام جي تسلسل جي خاطر پ پ جون قربانيون تاريخي آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
28%
2.9m/s
1%
ڇنڇر
24 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون