- Advertisement -
بالي ووڊ ۾ رومانوي فلمن ذريعي مشهوري ماڻيندڙ شاهه خان ايڪشن فلمن جو شوقين نڪتو.
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان هڪ انٽروي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس رومينٽڪ فلمون پسند ناهن.
هڪ انٽرويو ڏيندي بالي ووڊ اسٽار جو چوڻ هو ته کيس هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز جون فلمون پسند آهن.
شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته هن ايڪشن فلمن ۾ ڪم ناهي ڪيو، ان لاءِ فلم “جوان ۽ پٺان” ۾ ايڪشن هيرو طور ڪم ڪيو.
هن چيو ته ڪنهن خاص قسم جون فلمون ڏسڻ پسند ناهن، کيس ايڪشن فلمون ڏسڻ جو شوق آهي ۽ رومانوي فلمون گهٽ پسند آهن.
شاهه رخ خان پنهنجي پسند جو اظهار ڪندي چيو ته کيس سائنس اينڊ فيڪشن، هيومن ڊراما، ڊسٽوپين ورلڊ ۽ ڪارٽونز فلمون پسند آهن.
شاهه رخ سان پنهنجي نئين ايندڙ پروجيڪٽ “ڪنگ” جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن جي شوٽنگ جو آغاز لنڊن ۾ ٿي ويو آهي.- Advertisement -
