- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته بانيءَ جي هدايت تي جيئن جو تيئن عمل ٿيندو، علي امين گنڊاپور سڀاڻي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪليندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جون هدايتون ملي چڪيون آهن، بانيءَ جي خواهش موجب علي امين گنڊاپور کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور سان هڪ ڪلاڪ ملاقات ٿي، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪي پي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت برقرار رهندي، وڏي وزير طرفان استعيفيٰ ڏيڻ آئيني معاملو آهي، علي امين جي خدمتن کي هو ڀيٽا پيش ڪري ٿو، بانيءَ جي هدايتن موجب خيبرپختونخوا اڳتي وڌندو.
بئريسٽر گوهر چيو ته ڪهڙي رانديگر کي ڪٿي کيڏائڻو آهي اهو فيصلو ڪپتان ڪندو آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ وڏ وزارت لاءِ سهيل آفريديءَ کي نامزد ڪيو آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ عليمه خان ۽ علي امين گنڊاپور جي بيانن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو، سندس ڀينرن جو سياست ۾ ڪو به عمل ناهي- Advertisement -
