- Advertisement -
باڊهه ويجهو ڏوهاري هٿيارن جي زور تي پيٽرول پمپ جي عملي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
موئن جو دڙو روڊ تي هٿياربند پيٽرول پمپ تي ڪاهه ڪري عملي کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
پيٽرل پمپ مينيجر جو چوڻ آهي ته هٿياربند 7 لک 75 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري ويا آهن.
پيٽرول پمپ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا پمپ تان ڦر ٿي آهي، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.- Advertisement -
