تازه ترين

بجلي جو بحران حل ڪرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي پئي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جو بحران حل ڪرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مسلم ليگ ن 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، بجلي بحران تي ڪنهن کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، تهران ۾ اسماعيل هانيا جي شهادت جنونيت جو بدترين واقعو آهي، فلسطين جي آزاديءَ جو خواب وڌيڪ مضبوط ٿيندو. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اتحادي پارٽين سان گڏجاڻي ۾ اسماعيل هانيه جي شهادت جي واقعي جي مذمت ڪئي وئي، پاڪستان، چين ۽ روس سميت سمورن ملڪن مذمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته فلسطين ۽ غزا ۾ ڏينهن رات بدترين تباهي ٿي رهي آهي، جمعي نماز بعد اسماعيل هانيه جي غائباڻي جنازي نماز جي اپيل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي به چيو آهي ته هو به پنهنجي ڪابينا سان گڏ وزيراعظم هائوس جي مسجد ۾ غائباڻي جنازي نماز ادا ڪندو. هن چيو ته بجلي جو بحران حل ڪرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مسلم ليگ ن 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، بجلي بحران تي ڪنهن کي سياست نه ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ۾ بجلي چوري روڪڻ لاءِ سٺو ڪم ڪيو ويو، سندس آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ڪري بجلي چوري خلاف سخت نوٽيس ورتو ويو، قومون هميشه گڏجي اڳتي وڌنديون آهن. شهباز شريف چيو ته ادارا آئيني حدن ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن ته قومون ٺهنديون آهن، پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر هي ٻه اهي ادارا آهن جن ۾ هو سوار آهن جيڪڏهن ڪامياب ٿيا ته ٻيڙي ڪناري پهچي ويندي، پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر ضرور ٺيڪ ۽ ڪامياب ٿيندا. وزيراعظم سوال ڪندي چيو ته هڪ سياسي پارٽي کان پڇا ڪن ٿا ته ڏهن ورهين ۾ هڪ صوبي ۾ ڇا ڪيو؟، وڏا وڏا نعرا لڳايا ويا ته 300 ننڍا ڊيم ٺاهي رهيا آهن، ڇا ان صوبي ۾ هڪ ڊيم به ٺهي؟، ڳالهيون ڪرڻ آسان ۽ ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي. شهباز شريف چيو ته کين عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، سستي بجلي، نواز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ عليم خان جي ايجنڊا آهي، سستي بجلي واري مسئلي بابت سياست ڪرڻ عوام جي توهين آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون