- Advertisement -
بدين ويجهو مبينا طور آپگهات ڪندڙن ناري کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي سندس والد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
لواري شريف ويجهو ڳوٺ وي مڪان جي رهواسڻ اندرا ڀيل مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي انڊس اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس شڪ جي بنياد تي ناري جي والد دودو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ناري آپگهات ناهي ڪيو کيس قتل ڪيو ويو آهي، علائقي واسين طرفان ناري کي قتل ڪرڻ جي چوٻول تي سندس والد دودو ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، ناري جي مارجڻ بابت سندس چاچي اطلاع ڏنو، ناري جي والد جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي جي چال چلت خراب هئڻ سبب مٿس تشدد ڪيو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دودو ڀيل گهر ۾ اندرا نه هئڻ تي ڳولا ڪئي ۽ ٻاهر غير مرد سان ڏسي نياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائيندي گهر کڻي ويو.- Advertisement -
