برازيل جي صدر غزه ۾ نسل ڪشي کي هولوڪاسٽ سان ڀيٽ ڏيندي اسرائيل کي هٽلر قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
برازيل جي صدر غزه ۾ نسل ڪشي کي هولوڪاسٽ سان ڀيٽ ڏيندي اسرائيل کي هٽلر قرار ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايٿوپيا ۾ آفريڪن يونين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو، تاريخ غزه ۾ ان وحشياڻي جنگ جو مثال پيش نٿي ڪري سگھي. برازيل جي صدر چيو ته غزه جي جنگ ائين آهي جيئن هٽلر يهودين سان ڪيو، غزه ۾ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو نسل ڪشي آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري اسرائيل هٽلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو سپاهين خلاف سپاهين جي جنگ نه آهي، هيءَ غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن جي خلاف جديد هٿيارن سان هٿياربند فوج جي جنگ آهي. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو برازيل جي صدر جي بيان تي تپي باهه ٿي ويو، سندس چوڻ آهي ته برازيل جي صدر جو بيان هولوڪاسٽ کي معمولي بڻائڻ آهي، سندس بيان يهودين تي حملو آهي. هوڏانهن حماس اسرائيلي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ تي برازيل جي صدر جي واکاڻ ڪئي آهي. حماس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي کي    هولو ڪاسٽ سان ڀيٽڻ وارو برازيلي صدر جو بيان واکاڻ جوڳو آهي. برازيل جي صدر جي غزه ۾ نسل ڪشي کي هولوڪاسٽ سان ڀيٽڻ واري بيان کي ساراهي ٿي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون