تازه ترين

برطانيه ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين حسينه واجد کي ڀارت ۾ رهائش ڏيڻ جو فيصلو

- Advertisement -
بنگلاديش جي مستعفي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي برطانيا منتقل ٿيڻ کان اڳ ڀارت ۾ ڳجهي هنڌ تي رهائش ڏني وئي آهي. بنگلاديشي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته برطانيا ۾ سياسي پناهه ملڻ تائين شيخ حسينه واجد جو ڀارت ۾ ترسڻ جو امڪان آهي. بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شيخ حسينه جي نئين دهلي ۾ رهندڙ پنهنجي ڌيءَ صائمه واجد سان به ملاقات جو امڪان آهي. ٻئي پاسي شيخ حسينه واجد ٻيهر سياست ۾ نه اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بنگلاديش جي مستعفي وزيراعظم جي مسقبل جي حوالي سان سندس پٽ سجيب واجد برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيخ حسينه واجد تمام گھڻي مايوس ٿي آهي، هوءَ هاڻي سياست۾ واپس نه ايندي. هن چيو ته حسينه واجد جڏهن کان اقتدار سنڀاليو هو ته بنگلاديش هڪ غريب ملڪ ۽ ناڪام رياسته و، هن ملڪ کي ترقي ڏئي ايشيا جي اڀرندڙ ٽائيگرز ۾ شامل ڪيو. شيخ حسينه واجد جي پٽ پنهنجي ماءُ جي حڪومت جي قدمن جو دفاع ڪندي چيو ته مظاهرين خلاف حڪومت جو رد عمل بلڪل صحيح هو. هوڏانهن بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جِي سربراهه خالده ضياءَ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر محمد شهاب الدين سياسي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پارلياميٽ ٽوڙڻ کانپوءِ عبوري حڪومت قائم جو به فيصلو ڪيو ويو، ملاقات کانپوءِ خالده ضيا جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43 %
5.7kmh
93 %
اربع
24 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون