بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙن ٿا: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙن ٿا. مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بغاوت هو نه پيا ڪن، جيڪڏهن کين گرفتار ٿيڻو پيو ته گرفتاري ڏيندا، قبر ۾ وڃڻو پيو ته ان لاءِ به تيار آهن، ٻڌايو وڃي 35 لک ٽن ڪيڙن واري ڪڻڪ ڇو گهرائي وئي.؟ هن چيو ته هو ادارن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته پنهنجو حق خيرات گهري نه پر جنگ ڪري وٺندا. سندس چڻ هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، امن امان تباهه ٿي رهيو آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان جا ماڻهو بدامني جو شڪار آهن، هو سمجهي ٿو ته ڪي پي ۾ ادارن جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطين جي مسلمانن قرباني ڏني، هاڻي يورپي ملڪ به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، پاڪستاني قوم فلسطينين سان گڏ آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
25%
4.1m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون