تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ سنڌ حڪومت جي ترجمانن جو اجلاس ٿيو

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي کي بهترين قرار ڏيندي عوامي ڪم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ سنڌ حڪومت جي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، جميل سومرو، مرتضيٰ وهاب، سعديه جاويد، واحد هاليپوٽو، علي راشد، ارسلان شيخ، گهنور اسراڻ ۽ مخدوم فخر الزمان شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ترجمان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بابت پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ حڪومت جي ترجمانن کي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي اثرائتي انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سوشل ميڊيا تي آندي وڃي ته جئين ٻين صوبن جي عوام کي خبر پوي ته پ پ ڪيترو ڪم ڪري ٿي، سنڌ حڪومت ترقياتي ايجنڊا کي فوڪس رکيو آهي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وڏي وزير سيد مراد علي چوماسي جي برساتن ۽ اربن فلڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
46 %
3.6kmh
71 %
اربع
24 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون