بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ لاهور ۾ ٿيندو

- Advertisement -
بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اِي سي) جو اجلاس اڄ لاهور ۾ ٿيندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور پهچي ويو آهي جڏهن ته ، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جي اڄ لاهور پهچڻ جا امڪان آهن. سي اي سي اجلاس ۾ چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ سان گڏ ٻين معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا..پ پ چيئرمين سڀاڻي اڊا پلاٽ رائيونڊ روڊ تي ورڪز ڪنوينشن کي خطاب ڪندو جنهن دوران ن ليگ اڳواڻ چوڌري عبدالغفور ميو جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ 90سيڪڙو اميدوار فائنل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته اين اي 127 ۾ صوبائي سيٽن تي اميدوارن جو فيصلو بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون