- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف طرفان ست آڪٽوبر تي فلسطين مسئلي تي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزبانيءَ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب ايڪس تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غزا ۾ قابض اسرائيلي فوج جي رتوڇاڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ بعد جنگ جو دائرو لبنان تائين پکڙجي چڪو آهي.
هن چيو ته غزا ۾ فلسطينين جي رتوڇاڻ سان شروع ٿيل جنگ سموري خطي کي پنهنجي وڪڙ ۾آڻي سگهي ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سموري قوم کي سامراجي يهودي ايجنڊا خلاف هڪ آواز ۾ ڳالهائڻ گهرجي.- Advertisement -
