تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري جو خيال آهي ته هاري کي مضبوط ڪرڻ سان ئي پاڪستان مضبوط ٿيندو: شازيه مري

- Advertisement -
پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته پ پ چيئرمين سمجهي ٿو ته هارين کي مضبوط ڪرڻ اصل ۾ پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن واضح آهي، ترقي جو اصل پيمانو هارين جي خوشحالي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ پاڪستان ڪڻڪ جي کوٽ بدران ٻاهر موڪليندڙ ملڪ بڻيو، پ پ چيئرمين هميشه هارين سان گڏ بيٺل رهيو آهي، هو بروقت خريداري ۽ منصفاڻي اگهه جو حامي آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري هارين سان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، موسمياتي تبديلي هر پاڪستاني هاري لاءِ خطرو آهي. پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان چيو ته پ پ چيئرمين جٽادار ۽ موسمياتي لحاظ سان محفوظ زراعت ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري هڪ جديد زرعي معيشيت جو خواب ڏسي ٿو جتي ننڍا آبادگار ٽيڪنالاجي ۽ منصفاڻي منڊين ذريعي ترقي ڪن. شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته هارين کي موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کان بچائڻ لاءِ انشورنس، قرض ۽ شفاف گورننس ضروري آهي، حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جي اجازت ڏني، جيڪا پيپلز پارٽي جي مطالبي ۾ شامل هئي. هن چيو ته هارين لاءِ ڪڻڪ جي امدادي اگهه جي منظوري پيپلز پارٽي جو مطالبو هو، ڪڻڪ جو امدادي اگهه ساڍا ٽي هزار بدران چار هزار هجي ها ته اهو هارين لاءِ وڌيڪ بهتر هجي ها. پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان چيو ته آمدني ٽيڪس 45 سيڪڙو مان گهٽائي 15 سيڪڙو ڪرڻ هارين لاءِ رليف جو اهم قدم آهي. شازيه مري چيو ته پ پ چيئرمين ياد ڏياريو ته ڪابه معيشيت ان وقت تائين مضبوط نه ٿيندي جيستائين ان جا هاري ڪمزور هجن، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي هارين جي عزت، خود ڪفالت ۽ زرعي بحالي جي عزم تي قائم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون