تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري جو سوئيڊن جي هم منصب سان رابطو، قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
سوئيڊن جي پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته سوئيڊن جي هم منصب کيس فون ڪنهن جنهن دوران هن سوئيڊن ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن سوئيڊش هم منصب تي زور ڀريو ته اظهارِ راءِ جي آزادي جي اوٽ ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي اجازت نه ڏني وڃي. بلاول ڀٽو زرداري موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزير چيو ته سندن حڪومت هر قسم جي اسلامو فوبيا تي ٻڌل واقعن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿي. واضع رهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي وئي هئي جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن طرفا سخت احتجاج ڪيو ويو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون