تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهبازشريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي. وزيراعظم شهباشريف آپگهاتي حملي ۾  شهيد ٿي ويل جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن سان به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري کين آخري انجام تي پهچايو ويندو. ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطاءَ الرحمان، مولانا اسد محمود ۽ زاهد اڪرام دراني سان به جي ويو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ همدردن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، سانحو ملڪ ۾ امن جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون