- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا ايران امن معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته امن معاهدو ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي ۽ ڳالهين ذريعي امن طرف اهم قدم آهي.
سندس چوڻ هو ته هاڪاري اڳڀرائي عمل شامل سمورين ڌرين مدبراڻي قيادت ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، علائقائي استحڪام لاءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثابت قدم کي به ساراهي ٿو.- Advertisement -
