تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي:آرمي چيف جنرل

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي، بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ڀارتي فوج جا کوکلا بيان سندن وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو مڪمل طاقت سان جواب ڏيندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ267هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾  پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فورم آڏو خطر جو جائزو وٺندي علائقائي ۽ اندورني سلامتي جي منظرنامي تي غور ڪيو. فوجي قيادت ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪشميري عوام سان ٻڌيءَ جو اظهار پڻ ڪيو. فوجي قيادت، والاريل ڪشمير  ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي ۽  ڀارتي ڏاڍ کي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي. هن چيو ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان سندن وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو جواب مڪمل طاقت سان ڏيندو. آرمي چيف چيوته ڀارت طرفان اهڙا بيان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان پنهنجي عوام ۽ عالمي برادريءَ جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر موجب فوجي قيادت، دهشتگردن طرفان افغان ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فوجي قيادت زور ڀريو ته عبوري افغان حڪومت دهشتگردن جي موجودگيءَ کان انڪار بدران انهن خلاف پختا ۽ عملي قدم کڻي. آءِ ايس پي آر موجب فورم بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي وارا قدم تيز ڪرڻ تي زور ڀريو جيئن محروميءَ واري احساس جي ڪوڙي موقف کي ناڪام بڻايو وڃي. فوجي قيادت چيو ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. فورم چيو ته پرڏيهي پٺڀرائي ۾ هلندڙ پراڪسيز  طرفان بلوچستان جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻايون  ويندي. فوجي قيادت چيو ته بلوچستان جي جوانن کي انتهاپسندي طرف وڌڻ وارن ڪڌن ادارن کي عوام جي حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي آرمي چيف  چيو ته فوجي قيادت قوم کي آڏو چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهي، فوجي قيادت عوام جي ڀرپور  حمايت سان پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون