بلوچستان جي  ٻن ضلعن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي

- Advertisement -
عام چونڊن کان هڪ ڏينهن پهريان بلوچستان جي  ٻن ضلعن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. پهريون ڌماڪو پشين جي خانوزئي واري علائقي ۾ آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ٿيو، نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ ماڻهو  زخمي  پيا. قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ اميدوار مولانا عبدالواسع جي چونڊ آفيس ٻاهران ڌماڪي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  امدادي ٽيمن مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پشين ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ سلطان محمد، محمد عمر، نثار احمد، احسان، عبدالغفور، نجيب احمد، حاجي قلعه خان، عمران، محمد علي،عبدالله ۽ ٻيا شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب پشين  ۾ آزاد اميدوار اسفند يار ڪاڪڙ جي اليڪشن آفيس کي  ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويو. اليڪشن ڪميشن  پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاران پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جي مذمت ڪئي وئي آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون