بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، 11 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي

- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب، هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڌماڪي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ آهي ته شاهرگ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن پورهيتن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. ڌماڪي ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سوات ۽ شانگلا سان ٻڌايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي ۾ پورهيتن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين جو شاهرگ اسپتال ۾ علاج جاري آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، شاهرگ ۾ ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، شروعاتي جاچ موجب روڊ ڪناري ڌماڪيدار مادو نصب ٿيل هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون