تازه ترين

شيخ حسينا واجد حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد سندس حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو. بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد طرفان کيس هٽائڻ وقت لکيل تقرير جي متن ۾ چيو ويو ته  سندس حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ آهي،  آمريڪا کي ايئر بيس قائم ڪرڻ لاءِ ٻيٽ نه ڏيڻ تي کيس اقتدار تان هٽايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هوءَ استعيفيٰ نه ڏي ها ته کيس لاشن جو جلوس ڏسڻو پئجي وڃي ها،  مخالفن لاشن تي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اجازت نه ڏني، قوم کي وڳوڙين جي ڳالهين ۾ نه اچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس تقرير جو موقعو ملي ها ته آمريڪا جي سازش جو ذڪر ڪري ڇڏي ها. اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد چيو ته  عوامي ليگ هميشه واپسي ڪئي آهي،  هوءَ جلد واپس ايندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون