بنگلاديش پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري تاريخ لکي ڇڏي

- Advertisement -
بنگلاديش پاڪستان کي راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري تاريخ لکي ڇڏي. بنگلاديش سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئيپ ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پنهنجي هوم سيريز ۾ وائيٽ واش کي منهن ڏنو. بنگلاديش ٻئي ميچون آسانيءَ سان کٽيون، ٻي ٽيسٽ ۾ 185 رنسن جي هدف پٺيان مهمان ٽيم چار وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. برسات ۽ خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جلد ختم ڪئي وئي هئي ۽ اڄ مهمان ٽيم پنهنجي اننگز 42 رنسن تان اڳتي وڌائي. ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن برسات سبب راند نه ٿي سگهي هئي ۽ ٽاس به نه ٿي سگهي هئي. ٻئي ڏينهن پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي 274 رنسون ٺاهيو جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 262 رنسون ٺاهي 12 رنسن جي خساري ۾ وئي. پاڪستان ٽيم 12 رنسن جي برتري سان پنهنجي ٻي اننگز اڳتي وڌائي ۽ 172 رنسن تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي اهڙي طرح بنگلاديش کي ڪاميابي لاءِ 185 رنسن جو هدف مليو. بنگلاديش جي ٽيم 185 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، لٽن داس کي پليئر آف دي ميچ ۽ مهدي حسن مراز کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
38%
2.4m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون