- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته بونير ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن پنهنجي پيشوراڻي مهارت سان ملڪ دشمنن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو، هن سميت پوري قوم جوانن جي جرئت تي کين ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
جاري ڪيل بيان ۾ شهبازشريف آپريشن دوران لانس حوالدار مدثر محمود ۽ لانس نائڪ حسيب جاويد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڌرتيءَ جي پٽن جون لازوال قربانيون سموري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن.
وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رهندي…………- Advertisement -
